SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تاثراتي تنقيد


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

تاثراتي تنقيد

(Impressionistic Criticism)

يوناني ۽ لاطيني تنقيد جي ميدان ۾ لانجائينس پهريون نقاد هو، جنهن ادب جي تاثر کي ان جي خوبي قرار ڏنو هو ۽ اعليٰ ادب جي پرک لاءِ ان جي تاثر کي اهميت ڏني هئي. ان کانپوءِ آمريڪا جي مشهور نقاد ”اسپسن گارن“ هن نظرئي جو مختصر لفظن ۾بيان ڪيو آهي ته ادب فقط تاثر آهي ۽ ان جي تنقيد به تاثرات جو مجموعو آهي، يعني جڏهن ڪنهن تصنيف کي پڙهڻ وقت جيڪو تاثر پيدا ٿئي ٿو يا تصنيف کي پڙهي ، اهو اندازو لڳايو وڃي ته انهيءَ ڪهڙو تاثر ڇڏيو. هن تنقيد ۾ ادبي نتيجا ۽ سوچون، سماجي قدرن جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ ضروري نه آهن. ڪيترن نقادن اهڙي تنقيد کي ”تخليقي تنقيد“ پڻ سڏيو آهي. انهن جو خيال آهي ته ڪنهن ڪتاب کي پڙهڻ ۽ ان مان لطف اندوز ٿيڻ ۽ مجموعي تاثر وٺڻ کانپوءِ جيڪا راءِ قائم ڪجي، اها تاثراتي تنقيد آهي. ائين کڻي چئجي ته تخليق مان ملندڙ لطف جي اثرکي جاچڻ ۽ ماپڻ ئي تنقيد آهي. اهڙي تنقيد جو اصل مقصد انهن ڪيفيتن جي نشاندهي ڪرڻ آهي، جيڪي ڪنهن تخليق کي سرجڻ وقت شاعر يا اديب تي گذرن ٿيون.


Remember Me Also:

چچمچلائي

ث. چِلوِلائِي ، البيلائِي ، گُستاخي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal